احمد شهيد بريلوي

احمد شهيد بريلوي: معروف مجاهد ۽ صوفي بزرگ احمد شاهه بريلوي، 6 صفر 1201هه/ 28 نومبر 1786ع تي اوڌ جي ڳوٺ رائي بريلي ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏو ڏاڏو سيد قطب الدين شاهه، التمش جي دؤر ۾ هندستان ۾ آيو ۽ شيخ الاسلام جو عهدو حاصل ڪيو هئائين. سيد احمد شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ بندوق ۽ تير هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ بعد مخلوقِ خدا جي خدمت ڪرڻ شروع ڪيائين. سترهن سالن جي عمر ۾ ملازمت لاءِ پهرين لکنؤ ۽ پوءِ دهليءَ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ پهتو، جنهن کيس شاهه عبدالقادر ڏانهن موڪليو. جتي پاڻ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب پڙهيائين. 1808ع ۾ سيد احمد واپس بريليءَ پهتو ۽ اتي ئي ”زهره“ نالي عورت سان شادي ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ امير الدوله نواب ٽونڪ وٽ ملازمت ڪيائين. 1810ع ۾ جڏهن امير خان انگريزن سان معاهدو ڪيو ته هن امير خان کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي اڪبري مسجد ۾ رهيو ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. اتي شاهه اسماعيل سندس هٿ تي بيعت ڪئي، انهيءَ زماني ۾ جهاد جي تبليغ شروع ڪيائين. سهارن پور، گنگوهه، مظفر نگر، ديوبند، ڪانڌلا، سلون، الهه آباد، بنارس، سلطان پور، ڪانپور، لکنؤ ۽ ٻين شهرن جو سفر مسلمانن جي عقيدي ۽ عمل جي اصلاح ۽ منجهن جهاد جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيائين. 1821ع ۾ 400 ساٿين سان گڏ حج تي روانو ٿيو. 28 شعبان 1239هه/28 اپريل 1824ع تي ساٿين سميت حج جو فريضو ادا ڪري واپس وطن پهتو. حج تان واپسيءَ بعد سيد احمد بريلوي جهاد جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ جڏهن مجاهدن جي هڪ جماعت تيار ٿي، تڏهن 7 جمادي الثاني 1241هه/ 17 جنوري 1826ع کان هندستان کي ’دارالحراب‘ جو نالو ڏئي ڪالپي، گواليار، ٽونڪ، اجمير، پالي، امرڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، راڻيپور، شڪارپور، بولان، ڪوئٽا، غزني، ڪابل، جلال آباد جي رستي پشاورپهتو. سنڌ مان گذرڻ دوران هن پير صبغته الله شاهه اول سان راڻيپور ۾ ملاقات ٿي، جتي پير صاحب نه رڳو هن سان پنهنجا 500 سرفروش گڏي ڏنا، پر سندس حرمن کي پاڻ وٽ پناهه به ڏني. اهي سنڌي سرفروش بالاڪوٽ واري معرڪي ۾ بهادريءَ سان وڙهيا هئا. پشاور پهچڻ بعد عام ماڻهن ۽ حاڪمن کي اسلام جي دعوت ڏنائين. ايتري قدر جو 1826ع ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهه کي شرعي پيغام موڪليائين ته بهتر ٿيندو ته هو اسلام قبول ڪري. ان ڳالهه تي رنجيت سنگهه پنهنجي ڀاءُ ٻڌ سنگهه کي ڏهن هزارن جي لشڪر سان سيد احمد شهيد سان مقابلي لاءِ موڪليو. 20 جمادي الاول 1242هه/ 1826ع تي 900 مجاهدن رات جو سکن تي حملو ڪيو. هن معرڪي ۾ 700 سِک ۽ 82 مجاهد مارجي ويا ۽ سکن جو لشڪر اڪوڙا مان ڀڄي شيدو ۾ وڃي پناهه ورتي. 1827ع تي سيد احمد شاهه جي ڪوششن سان 80 هزار مجاهد گڏ ٿيا. سکن سازش وسيلي يار محمد خان ۽ ٻين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، يار محمد خان سيد احمد کي زهر ڏياريو. هي اهو وقت هو جڏهن سکن سان شيدو جي ڏکڻ- الهندي ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي. سيد احمد بچي ته ويو پر هي جنگ شڪست جو باعث بڻجي وئي. عين فتح ياب ٿيڻ وقت يار محمد خان جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتو، جنهنڪري کٽيل جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي. ان بعد سک ۽ پشاور جا سردار سيد احمد جي ساٿين جا دشمن ٿي پيا. جنگ دوران يار محمد خان ماريو ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڳجهيءَ سازشن هيٺ سيد احمد جا 150 ساٿي ماريا ويا. 17 اپريل 1831ع تي سيد احمد بريلوي سچون کان بالاڪوٽ روانو ٿيو. جتي شاهه اسماعيل سندس شاندار استقبال ڪيو. 24 ذوالقعد تي بالاڪوٽ ۽ مٽي ڪوٽ جي وچ تي سيد احمد ۽ شير سنگهه جي جنگ شروع ٿي. سيد صاحب ساٿين سميت وڏي جذبي سان جنگ وڙهندو رهيو. جنگ وڙهندي پاڻ مٽي ڪوٽ جي واهه ۾ ڪري شهيد ٿي ويو. سيد احمد شهيد جي مزار بالاڪوٽ ۾ موجود آهي. سيد احمد شهيد مسلمانن جي هدايت لاءِ ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا. جن ۾ صراطِ مستقيم، تنبيهه الغافلين، رسالا نماز، ملهمات احمديه في طريق المحمديه وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1786.11.28  عيسوي

بزرگ احمد شاهه بريلوي ، 6 صفر 1201هه/ 28 نومبر 1786ع تي اوڌ جي ڳوٺ رائي بريلي ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوکيو محمد الياس
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
حاجي عبدالله هارون
خواجه معين الدين
ابراهيم شاهه وڄڙي
عبدالله ٺٽوي مخدوم
جشن واسواڻي دادا
سيد تقي شاهه حنفي
اختيار علي خشڪ
بچل شاهه جيلاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون